ڀنڊ، گلڻ خان

ڀنڊ، گلڻ خان

گلڻ خان ڀنڊ

گلڻ خان ڀنڊ : دادوءَ جو نامور صحافي گلڻ خان ڀنڊ، رانجهي خان ڀنڊ جو فرزند آهي۽ هن 27 آڪٽوبر 1964ع تي، ڳوٺ مينهين خان ڀنڊ تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم هاءِ اسڪول ڀان مان حاصل ڪيائين ۽ ايم. اي (اڪانامڪس) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. هن جي خاندان ۾ وڏا ملهه ٿي گذريا آهن. گلڻ خان ڀنڊ سياسي حوالي سان عوامي تحريڪ ۾ هڪ وڏي عرصي تائين سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو. 1990ع کان ادب جي ميدان ۾ سرگرم ٿيو ۽ 1996ع کان صحافت جي شروعات ڪئي. روزاني ’پاڪ‘ حيدرآباد جو ضلعي رپورٽر رهيو ۽ ٻين ڪيترن اخبارن سان وابسته رهڻ کان پوءِ روزاني ’برسات‘ جو ضلعي رپورٽر رهيو. پريس ڪلب دادوءَ جي پروگرامن ۽ سرگرمين ۾ سندس سرگرم حصو رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.10.27  عيسوي

نامور صحافي گلڻ خان ڀنڊ، رانجهي خان ڀنڊ جو فرزند آهي۽ هن 27 آڪٽوبر 1964ع تي، ڳوٺ مينهين خان ڀنڊ تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد علي سومرو
عبدالرحمان نقاش
سيد سردار علي شاهه ذاڪر
سنتداس ڀاٽيه ناز
جمال الدين لانگاهه
حاجي محمود هالائي
توفيق علي منگي
سيد سبط حسن
الياس شاڪر
گلشن شيخ
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون